ڪاپي رائيٽ جي خلاف ورزي، ڪمپني مالڪ گرفتار

ڪاپي رائيٽ جي خلاف ورزي، ڪمپني مالڪ گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر ) ڪاپي رائيٽ جي خلاف ورزي جي الزام ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي ڪريڪ ڊائون دوران جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي زون جي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ڪاپي رائيٽ جي خلاف ورزي ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي ۽ انهن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو. هي ڪارروائي ايم ايس بليو ٽيڪ اليڪٽرڪ پرائيويٽ لميٽيڊ جي شڪايت تي ڪئي وئي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ڇاپي دوران، ملزم تنظيم تاج، جيڪو مبينا طور تي ڪمپني جو مالڪ آهي، کي گرفتار ڪيو ويو. ملزم جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ ڪاپي رائيٽ جي خلاف ورزي جو مواد پڻ هٿ ڪيو ويو.
ايف آءِ اي ترجمان وڌيڪ چيو ته جوابدارن خلاف لاڳاپيل قانونن موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي. ايف آءِ اي هن نيٽ ورڪ ۾ شامل ٻين عنصرن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ به ڪارروائي جاري رکي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو