ڪانگريس پارٽي جي ريلي ۾ پريانڪا چوپڙا زنده آباد جا نعرا

دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪانگريس پارٽي جي ريلي دوران بالي ووڊ جي ادڪاره پريانڪا چوپڙا جا نعرا لڳي ويا جنهن بعد سوشل ميڊيا تي نعرا لڳائيندڙ ڪانگريس اڳواڻ کي خوب تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. ڪانگريس طرفان جاري هڪ ريلي دوران اڳواڻ پنهنجي ليڊرن جا نعرا هڻي رهيا هئا ته اچانڪ ان جي زبان تي پريانڪا چوپڙا زندهه آباد جو نعرو لڳي ويو جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي جڏهن ته وڊيو به ڏسندي ڏسندي وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ ڪانگريس جا اڳواڻ سونيا گانڌي زندهه آباد، ڪانگريس پارٽي زندهه آباد، راهل گانڌي زندهه آباد ۽ پوءِ پريانڪا گانڌي زندهه آباد بجاءِ پريانڪا چوپڙا زندهه جا نعرا لڳي ويا. جڏهن ان همراهه سان گڏ بيٺل ٻيا ساٿي ان کي ياد ڏياري رهيا آهن ته تو غلطي ڪئي آهي ته پوءِ هو چپ ٿي وڃي ٿو. ان حوالي سان ڪجهه صارفين ان وڊيو کان لطف اندوز ٿي رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه گهڻي غصي جو اظهار ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو