ڪانز (ويب ڊيسڪ): فلمي دنيا جي مشهور “ڪانز فيسٽيول” (Cannes Festival) ۾ پاڪستاني اداڪاره صنم سعيد شاندار ڊيبيو (پهرين انٽري) ڪيو آهي. فرانس ۾ جاري ڪانز فلم فيسٽيول جي “سائوٿ ايشين وومن ايسڪيلينس سينيما اينڊ آرٽس” جي اعزازي گروپ ۾ شامل صنم سعيد حصو ورتو. جڏهن اداڪاره صنم سعيد ريڊ ڪارپيٽ تي آئي ته اتي موجود ماڻهن تاڙيون وڄائي سندس انداز کي تمام گهڻو سراهيو. صنم سعيد پڻ خوشيءَ جو اظهار ڪندي هٿ لوڏي ماڻهن جي محبت جو شڪريو ادا ڪيو.لباس جو انتخاب: ڪانز ۾ ڊيبيو وقت صنم سعيد مغربي لباس بدران مشرقي طرز (پنهنجي ثقافتي انداز) جو لباس پهري منظر عام تي آئي، جنهن ڪري کيس تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. رپورٽ موجب صنم سعيد مشهور ڊيزائنر “حسين رهر” جو تيار ڪيل لباس زيبِ تن ڪيو هو.










