ڪالهه وڏي گهٽتائي کان پوءِ اڄ ملڪ ۾ سون ٻيهر مهانگو

ڪالهه وڏي گهٽتائي کان پوءِ اڄ ملڪ ۾ سون ٻيهر مهانگو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار رپين کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في تولو سون جي قيمت ۾ 3 هزار 400 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ في تولو سون جي قيمت 490 هزار 362 رپيا ٿي وئي آهي.ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت 2 هزار 915 رپيا وڌي 420 هزار 406 رپيا ٿي وئي آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن في تولو سون جي قيمت ۾ 7 هزار 100 رپيا گهٽتائي ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو