ڪنڌڪوٽ (ن س) ڪنڌڪوٽ ۾ ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ عورت سخت زخمي ٿي پئي. سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ملهير اسٽاپ ويجهو حادثي ۾ نوجوان آصف علي ۽ 9 درجي جو شاگرد نصرلله بنگوار موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي. حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي عورت ۽ فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪيا، جيڪي گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.










