ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گهنڊ وڃائي ڪري ڪاروبار جي شروعات ڪئي، جنهن کانپوءِ ڪاروبار ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي،پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس 373 پوائنٽن جي واڌ سان 1 لک 3 هزار 648 جي سطح تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 1 لک 3 هزار 274 پوائنٽس تي بند ٿيو.










