پنوعاقل (ن سنڌيار)ڪارنهن جي تڪرار تان سمون ڳوٺ ۾ اڻڄاتل هٿياربند ڳوٺاڻي امير بخش چاچڙ کي گولين جو کاڄ بڻائي فرار، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته مقتول جي ڀاڻيجي تي ڪارنهن جو الزام مڙهيو ويو هو، جنهن تان واقعو پيش آيو آهي، مقتول جي وارثن چيو آهي ته وقت سر رپورٽ داخل ڪرڻ باوجود پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، ڳوٺاڻي جو لاش اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.










