واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جي استعيفيٰ کانپوءِ آمريڪي چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ تجويز ڏني آهي ته ڪئناڊا کي هاڻي باضابطه طور آمريڪي رياست بنجڻ گهرجي.ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پارٽي قيادت ۽ وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جسٽن ٽروڊو حڪمران ليبر پارٽي جي نئين سربراهه جي چونڊ تائين نگران عهدو سنڀاليندو.سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪينيڊين شهرين کي آمريڪا جي 51هين رياست ٿيڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا هاڻي ان وڏي واپاري خساري کي برداشت نٿو ڪري سگهي جنهن مان ڪينيڊا گذري رهيو آهي، جسٽن ٽروڊو کي اها خبر هئي ۽ ان ڪري ئي استعيفيٰ ڏني.










