کنڊ 170 رپيا في ڪلو ٿي وئي، ڊبل سينچري تي پهچڻ جو خدشو

کنڊ 170 رپيا في ڪلو ٿي وئي، ڊبل سينچري تي پهچڻ جو خدشو

لاهور (ويب ڊيسڪ) کنڊ جو وڌندڙ اگهه 170 تائين وڃي پهتو ۽ اها وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو خدشو آهي. رمضان ۾ نيڪين بدران مال ڪمائڻ لاءِ کنڊ مافيا به سرگرم ٿي وئي، وزيراعظم طرفان کنڊ مهانگي ٿيڻ جو نوٽيس وٺڻ باوجود اگهه ۾ واڌ نه بيهجي سگهي. کنڊ جو اگهه 170 في ڪلو تائين پهچي ويو آهي ۽ واپارين جو چوڻ آهي ته ان جو وڏو سبب حڪومت جي ايڪسپورٽ پاليسي آهي. پنجاب ڪريانه ايسوسيئيشن جي چيئرمين حافظ عارف گجر موجب حڪومت ڪنٽرول نه ڪيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ کنڊ ڊبل سينچري ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومت طرفان کنڊ برآمد ڪرڻ جي پاليسي سان اگهه وڌيا، ملڪ مالڪن هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي، ذخيري اندوزن ۾ به هٿ وڌو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو