ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي زراعت کاتي واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سڌ حڪومت پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي، سنڌ جو زراعت کاتو خوراڪ جي گهٽتائي تي قابو ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرامز شروع ڪيا آهن، جنهن جي تحت سال 24-2023 ۾ 24 ضلعن ۾ هاري عورتن کي 9091 ڪچن گارڊن ڪٽس ڏنيون آهن، غريب هاري عورتن کي ٿرپارڪر ۾ 1700 سو ڪچن گارڊن ڪٽس فراهم ڪيون ويو آهن. سردار محمد بخش مهر جو خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وڌيڪ چوڻ هو ته خوراڪ جي گهٽتائي کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ننڍن پلاٽن تي گهرن ۾ ڀاڄين جي فصل پوکڻ لاءِ عورتن کي سهولتون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن، خوراڪ جي گهٽتائي کي پورو ڪرڻ ۽ صحت جون بنيادي سهولتن کي بهتر بنائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ڪچن گارڊن ڪٽس ۾ ڪوتال، ڪڙچي، پائپ، بالٽي ۽ 2 سو ليٽر پاڻي جو ڊرم، ٻج ۽ ڀاڻ مفت فراهم ڪيو ويو آهي. ان جو چوڻ هو ته غريب هاري عورتون سبزين کي پوکي ڪري پاڻ به گهر ۾ استعمال ڪنديون آهن ۽ پنهنجي گهر جو خرچ به ڪڍي وٺنديون آهن، سنڌ حڪومت خوراڪ ۽ غذائي ضرورتن جي گهٽتائي کي پورو ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. زراعت کاتي واري وزير جو چوڻ هو ته هي ڏينهن ان مسئلي جي دنيا جي طرف توجه ڏياريندو آهي، پاڻي جي گهٽتائي ۽ موسمياتي تبديلي جي ڪري زراعت جو شعبو متاثر ٿي رهيو آهي، قومي ۽ بين الاقوامي فوڊ سيفٽي معيارن جي مطابق تحفظ خوراڪ جي ضرورتن تي عمل ڪرڻو پوندو.










