ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گڊاپ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ هڪ پوليس آفيسر ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو.پوليس موجب جوابدار رقم، موبائل فون ۽ سرڪاري هٿيار ڦر ڪري فرار ٿي ويا.پوليس موجب ٻئي پوليس اهلڪار سادن ڪپڙن ۾ هئا، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.ٻئي طرف گلستان جوهر بلاڪ 3 اي ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 جوابدار شهري کي ڦر ڪري فرار ٿي ويا.فيڊرل بي ايريا بلاڪ 17 ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته مقابلي بعد 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.










