ڏکڻ ڪوريا ۾ مسافر جهاز کي حادثو، فوتين جو انگ 150 کان وڌي ويو

ڏکڻ ڪوريا ۾ مسافر جهاز کي حادثو، فوتين جو انگ 150 کان وڌي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)جهاز حادثي ۾ 151 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، 2 ڄڻن کي زنده بچايو ويو آهي، جڏهن ته جهاز جي پوئين حصي ۾ موجود مسافرن کي بچائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق فائر برگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته جهاز مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، جهاز کي حادثو پکين جي ٽٽڻ ۽ خراب موسم سبب پيش آيو، پر حادثي جو اصل سبب مڪمل جاچ کانپوءِ ٻڌايو ويندو. ڏکڻ ڪوريا جي ٽرانسپورٽ واري وزارت جو چوڻ آهي ته جهاز ڪري تباهه ٿيڻ کان اڳ ڪنٽرول ٽاور پکين جي حملي جي وارننگ موڪلي هئي. ٻئي طرف سي اي او جيجو آئر جو چوڻ آهي ته جهاز ڪرڻ جا سبب اڃا تائين واضح ناهن، جهاز ۾ خرابي جا شروعاتي ثبوت ناهن مليا، جهاز حادثي جو اڳوڻو رڪارڊ موجود ناهي، هن جهاز حادثي تي معذرت ڪئي. رپورٽ موجب جهاز لينڊنگ گيئر ۾ خرابي سبب ڪري تباهه ٿي ويو، جهاز رن وي تان ڪري پيو ۽ رن وي جي چوڌاري ڀت سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب جهاز کي باهه لڳي وئي پر بعد ۾ ايمرجنسي عملي باهه تي ضابطو آڻي ڇڏيو نيوز ايجنسي موجب حادثو ڏکڻ ڪوريا جي موان ايئرپورٽ تي پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو