ڏکڻ آفريڪا ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

ڏکڻ آفريڪا ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

ميلبورين (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي جي اهم ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ويسٽ انڊيز کي ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.ڏکڻ آفريڪا ڏهن سالن ۾ پهريون ڀيرو ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي، ميزبان ويسٽ انڊيز ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ 136 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.برسات سبب ميچ روڪي وئي، جنهن کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا جو هدف 17 اوورن ۾ 136 رنسن تان ڪري 123 رنسن تي اچي ويو.سر ويوين رچرڊز اسٽيڊيم ۾ کيڏيل گروپ 2 جي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي ويسٽ انڊيز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. ميچ ناڪ آئوٽ ميچ ۾ تبديل ٿي وئي ڇو ته کٽيندڙ ٽيم سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي جڏهن ته ويسٽ انڊيز هاڻي ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي آهي.ڏکڻ آفريڪا جي دعوت تي ويسٽ انڊيز مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاهيون.ويسٽ انڊيز طرفان رسٽن چيس 52 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، ان کان علاوه ڪائل ميئرز 35، آندري رسل 15 رنسون اسڪور ڪيون.شائي هوپ صفر، نڪولس پورون ۽ ڪپتان پاول هڪ هڪ، عقيل حسين 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته الزاري جوزف 11 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.ڏکڻ آفريڪا طرفان تبريز شمسي 3 وڪيٽون ورتيون، جانسن، مارڪرم، مهاراج ۽ ربادا هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو