ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ سنڌ پوليس جي 11 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. سنڌ پوليس طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، معطل ڪيل آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بي ڪمپني موڪليو ويو آهي، جن ۾ اوڀر زون جا 3 انسپيڪٽر ۽ 3 سب انسپيڪٽر شامل آهن. نوٽيفڪيشن موجب، گهوٽڪي ضلعي جو هڪ سب انسپيڪٽر، سي آءِ اي ۾ مقرر اي ايس آءِ ۽ سيڪيورٽي زون ٽو جو هيڊ ڪانسٽيبل شامل آهي. ان کانسواءِ معطل ٿيندڙن ۾ ڏکڻ زون جو هيڊ ڪانسٽيبل، حيدرآباد جو ڪانسٽيبل ۽ هڪ هيڊ ڪانسٽيبل به شامل آهي.










