ڏاهي،مفڪر رسول بخش ياد ۾ ميڙاڪو، خراج پيش

ڏاهي،مفڪر رسول بخش ياد ۾ ميڙاڪو، خراج پيش

حيدرآباد(ن س) قومي عوامي تحريڪ عظيم مفڪر، ڏاھي، دانشور، ليکڪ، قانوندان، چوٽي جي مقرر، سياستدان ۽ استاد رسول بخش پليجي جي ڇھين ورسي سڄي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ پروگرام کي ملھائي، تصويرن آڏو گل نڇاور ڪري زبردست ڀيٽا پيش ڪئي۔ ان سلسلي۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو جي اڳواڻي ۾ فرحان لاڙڪ، شوڪت تنيو، اشفاق چنڙ، منان شيخ، مقصود سومرو، ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، شوڪت تنيو، مقصود جھتيال، ياسر جاکرو، ممتاز شيخ، بشير الله سمون ۽ ٻين ٺٽي ۾ جنگشاھي ڀرسان ڳوٺ منگر خان پليجو پھچي عظيم مفڪر استاد رسول بخش پليجو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي سلامي پيش ڪئي. نصيرآباد جي شاھ لطيف پبلڪ پارڪ ۾ جلسو ٿيو، ڪنڌڪوٽ، ڄام صاحب، ڊگھڙي، ٺٽو، گلشن حديد، مٽياري، ميھڙ، شڪارپور، شاھپور چاڪر، مٺي، دڙو، نندو، ماتلي، مويا، مورو، ڄام صاحب، ڏھرڪي، ٺل ۽ ٻين شھرن ۾ تقريبون ڪوٺائي رسول بخش پليجو کي زبردست خراج پيش ڪيو ويو. ھوڏانھن حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران سنڌي لينگئيج اٿارٽي جي حال ۾ رسول بخش پليجو جي ڇھين ورسي ملھائي وئي. جنھن جي صدارت سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون ڪئي، جڏھن تہ قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر گلزار جماڻي، ڊاڪٽر مجدد قريشي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، غلام علي کوساڻي، نصرت خاصخيلي، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعہ پليجو ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ رسول بخش پليجو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي کان بچائڻ ۽ جمھوريت جي بحالي لاء ايم آر ڊي جا بنياد وجھي آمريت جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون۔ ان کان پوء اليڪشن لاء فيصلو ٿيو تہ ايم آر ڊي ۾ گڏ رھندڙ اتحادي ھڪٻئي جي سامھون اميدوار نہ بيھاريندا پر پيپلز پارٽي اقتدار لاء سوديبازي ڪري سنڌ جو حقيقي ڪيس ۽ مظلوم عوام جو آواز ايوانن تائين پھچڻ کان روڪڻ لاء اليڪشن ۾ رسول بخش پليجي جي سامھون اميدوار بيھاري ان جي رستا روڪ ڪئي۔ پليجي جي جدوجھد مظلوم عوام لاء ھئي، ظالم حڪمراني خلاف ھئي، پليجو ڪرپشن خلاف جنگ ڪئي۔ پليجي جو مقصد ڪنھن کي اقتدار ڏيارڻ لاء ڏاڪڻ بنجڻ نہ ھو۔ ھن درياھ تي ڌاڙي، پاڻي، غير قانوني پرڏيھين، مھاجر صوبي، ون يونٽ، زمينن جي نيلامي، عالمي طاقتن جي ايجنٽ ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي جي ڪرپشن خلاف بي مثال تحريڪون ھلائي لازوال ڪاميابيون حاصل ڪيون۔ زينت سمون چيو تہ رسول بخش پليجو سنڌ آھي ۽ سنڌ رسول بخش پليجو آھي۔ پليجي ڪشمور کان ڪارنجھر تائين ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر وڃي عوام کي بيدار ڪري سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن لاء جنگ ڪئي۔ پليجي ون يونٽ، ضيا شاھي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ کان وٺي ھر حڪومت ۾ ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجهد ڪئي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ رسول بخش پليجي وڏيرڪي، جاگيردار، سرداري ۽ ڪرپٽ سماج جي گھاڻي ۾ پيڙھجندڙ طبقن کي طاقتور بنايو۔ ھن عورتن، ھارين، مزدورن ۽ ٻارن کي تحريڪن جو اڳواڻ بنايو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو ڪرپشن، آمريت، انتھاپسندي ۽ عوام دشمن جاگيرداري ۽ سرمائيداري ظلم خلاف جنگ جو نالو آھي۔ سنڌ کي رسول بخش پليجي جھڙي ڪردار جي ضرورت آهي۔ رسول بخش پليجي سنڌ جي عوام کي وقار سان جيئڻ سيکاريو۔ ھارين مزدون ۽ عورتن کي جدوجھد ذريعي سنڌ جو حقيقي محافظ بنايو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول پليجو اھا يونيورسٽي ھو، جنھن سنڌ جي عوام کي عالمي ادب، ترقي پسندي، روشن خيالي، انسان دوستي، مظلوميت جو طرفدار، انتھاپسندي، ڪرپشن خلاف ۽ رات جي رھزنن سان وڙھڻ سيکاريو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي کان بچائڻ ۽ جمھوريت جي بحالي لاء ايم آر ڊي جا بنياد وجھي آمريت جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون۔ رسول بخش پليجي صاحب جي جدوجھد مظلوم عوام لاء ھئي، ظالم حڪمراني خلاف ھئي، پليجي صاحب ڪرپشن خلاف جنگ ڪئي۔ ھن درياھ تي ڌاڙي، پاڻي، غير قانوني پرڏيھين، مھاجر صوبي، ون يونٽ، زمينن جي نيلامي، عالمي طاقتن جي ايجنٽ ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي جي ڪرپشن خلاف بي مثال تحريڪون ھلائي لازوال ڪاميابيون حاصل ڪيون۔اياز لطيف پليجي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي جي ڏسيل واٽ تي ھلي رھي آھي۔ بحريا ٽائون، ھٿرادو پاڻي کوٽ، ڪرپشن ۽ ٻين سنڌ ۽ ملڪ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد جي ميدان تي آھي۔ رسول بخش پليجي انتھاپسند جي اوندھ کي ختم ڪرڻ لاء روشن خيالي ۽ علم جا ڏيئا روشن ڪيا۔ ھن سڄي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ عوام کي بيدار ڪيو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيغام ڏنو پيو وڃي تہ يا منظور نظر پارٽين ۾ شامل ٿيون يا وفاقي سياست کان لاتعلق ٿيون. سنڌ ملڪي سياسي ايجنڊا جو 16 سالن کان حصو ئي ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ شديد سياسي ۽ اقتصادي بحران جو شڪار آھي. اليڪشن ۾ سنڌ سان دوکو ڪيو ويو، بدترين ڌانڌلي ۽ فراڊ ڪيو ويو. سنڌ بيروزگاري، مھانگائي، لاقانونيت ۽ غربت جي چنبي ۾ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ماڻھو ڪيترن ڏھاڪن کان اليڪشن ۾ پنھنجي پسند جا نمائنده چونڊي نٿا سگھن، ڪرپٽ ماڻھن کي مسلط ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جا وسيلا لٽڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي بار بار سنڌ تي مڙهيو وڃي ٿو. ڪنھن ناھي سوچيو تہ ھن سودي سان سياسي، سماجي ۽ اقتصادي نتيجا ڪھڙا حاصل ٿيندا؟ اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ ٿيندڙ دھشتگردي پويان ٻاھريون طاقتون آھن. ايماندار ماڻھن لاءِ سنڌ اسيمبلي ۽ وفاقي پارليامينٽ ۾ ڪا جڳھ ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ماڻھو سمجھي چڪا آھن تہ ڪرپشن خلاف بيان رڳو ڏيکاء آھن. پاڪستان کي شفاف اليڪشن ۽ سخت احتساب جي ضرورت آھي. سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ وزيرن خلاف ڪارروائي بدران انھن کي وڌيڪ طاقتور ڪيو ويو آھي. منشيات جي ڪاروبار ۾ وزير ۽ پوليس ملوث آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪرپشن جي منڊي بنائي نوجوانن کان اميد کسي وئي آھي. ميرٽ جو قتل ڪري نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن. نوجوانن جو استحصال سنڌ جو استحصال آھي. نوجوان خاموش نہ ويھن. ميرٽ جي لتاڙ خلاف رستن تي نڪري اچن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ پليجي جي ڏسيل واٽ تي ھلي رھي آھي. رسول بخش پليجو علم دوست شخصيت آھي۔ پليجو جسماني طور تہ اسان کان جدا ٿيو آھي پر سندس نظريو ۽ ڪارڪن ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر ۾ آھن رسول بخش پليجو قبيلائي دھشتگردي ۽ عورتن جي قتلام خلاف للڪار ھو۔ ھن جرڳائي نظامي خلاف جدوجھد جا بند وڌا۔ رسول بخش پليجو سراپا زندگي ھو۔ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفيعہ پليجو خطاب ڪندي چيو تہ رسول بخش پليجو سنڌ ۽ مظلوم عوام جو رھبر ھو۔ رسول بخش پليجو ظلم جي ھر صورت خلاف ھو۔ ھن ٻارن، عورتن، اقليتن، ھارين، مزدورن ۽ مسڪينن لاء جنگ ڪئي۔ پليجو صاحب کي جدوجھدن جو وڏو آرٽ ھو۔ رسول بخش پليجي ضيا جي ڪاري دور ۾ لکين ماڻھو گڏ ڪري آمريت کي للڪاريو۔ رسول بخش پليجو خاڪ کي سون بنائڻ جو ماھر ھو۔ ھو سنڌ ۽ مسڪين عوام جي جدوجھدن جو سپھ سالار ھو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو