شڪارپور (ن س)ميان صاحب ھمايو ٿاڻي جي حد ابدال شاخ، سومرا ڳوٺ کان نياڻي جو ڏاج وٺڻ لاء شڪارپور ايندي رڪشاہ ڪلٽي ٿيڻ سبب 45 سالا عورت مسمات زرينا زال نثار سومرو فوت،جڏهن ته ڊرائيور ثناء الله سومرو زخمي ٿي پيو عورت جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچجي ويو جڏهن ته زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال شڪارپور آندو ويو جتي ڊاڪٽر گھنشام داس طرفان علاج ڪيو ويو.جڏهن ته فوتي عورت جي جنازي نماز ڳوٺَ نبي بخش سومرو ۾ ادا ڪئي وئي جنهن بعد بعد مقامي قبرستان ۾ اباڻي ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو










