ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)شارجا کان ڍاڪا ويندڙ اڏام ۾ مسافر جي فوت ٿيڻ بعد جهاز جي ڪراچي ۾ هنگامي لينڊنگ ڪئي وئي ايويئيشن جي ترجمان موجب جهاز ۾ سوار42 سالن جي بنگلاديشي مسافر جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي، ايئر عريبيه جي اڏام ڀارتي حدن ۾ هئي ته مسافر جي طبيعت خراب ٿي وئي،جهاز جي پائليٽ ايئر ڪنٽرول سان رابطو ڪري ڪراچي ۾ هنگامي لينڊنگ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي جهاز اڄ صبح ساڍي 4 وڳي ڪراچي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪئي، سول ايويئيشن جي ميڊيڪل ٽيم پاران طبي معائنو ڪرڻ تي خبر پئي ته مسافر اڳ ئي فوت ٿي چڪو هو، صبح سوا 6 وڳي جهاز بنگلاديشي شهري جي ميت کڻي ڍاڪا روانو ٿيو










