ڌاٻيجي (ن س )ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي بريڪ ڊائون سبب 72 انچ قطر جي لائين نمبر 5 متاثر ٿي آهي.واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو بريڪ ڊائون صبح 7 وڳي ٿيو.متاثر لائين جي مرمت جو ڪم 16 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب شهر کي پاڻي جي فراهمي متبادل لائينن ذريعي جاري آهي.










