شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) يوم حضرت علي رضه جي ڏهاڙي بابت گڏجاڻي، 19 کان 21 رمضان تائين صفائي سٿرائي، امن امان جا سخت انتظام ڪيا وڃن، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور. رمضان جي آخري عشري ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽايو وڃي، ابرار جعفر. 19 کان 21 رمضان دوران 59 مجلسون، 7 جلوس منعقد ٿيندا. ان لاءِ 559 پوليس اهلڪار تعنيات ڪيا آهن. ڊي ايس پي عزيز احمد خبر موجب: 21 رمضان يوم حضرت علي رضہ جي انتظامن جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻيءَ ۾ هدايتون ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر چيو آهي ته 59 مجلسن ۽ 7 جلوسن بابت سڪيورٽيءَ جا سخت انتظام ڪيا وڃن ۽ امام بارگاهن جي متولين سان گڏجاڻيون ڪوٺايون وڃن. هن ميونسپل جي سي ايم او ۽ ٽي اوز کي هدايتون ڏيندي چيو ته جلوسن جي رستن جي صفائي سٿرائي ڪرائي وڃي ۽ رات جو منعقد ٿيندڙ مجلسن ۾ لا.ئيٽنگ جو بندوبست پڻ ڪيو وڃي. ايڪسين سيپڪو کي هدايت ڏيندي چيو ته شيعه اڳواڻن کان مجلسن ۽ جلوسن جي ٽائيمنگ بابت معلومات وٺي ان تحت بجليءَ جو شيڊول ٺاهيو وڃي ۽ رمضان جي آخري عشري ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽايو وڃي. جڏهن ته ڊي ايڇ او شڪارپور مجلسن ۽ جلوسن دوران ايمبولينس ۽ دوائن جو انتظام ڪري ۽ ميڊيڪل ڪئمپ لڳرائي, ان کان پهرين مجلسن بابت بريفنگ ڏيندي ڊي ايس پي عزيز احمد ٻڌايو ته ضلعي اندر 59 مجلسون ۽ 7 جلوس منعقد ٿيندا ۽ انهن جي سڪيورٽيءَ لاءِ 559 اهلڪار تعنيات ڪيا آهن، ان کان پهريان شيعه اڳواڻ جن ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل جو صدر علي احمد ٻرڙو، امام بارگاهه ڪربلا سيد عطا شاهه، وحدت المسلمين اڳواڻ اصغر سيٺار ۽ ٻين ٻڌايو ته ضلعي اندر لوڊشيڊنگ جو آزار آهي، روزيدار پريشان آهن. هنن چيو ته امام بارگاهن تان سڪيورٽي اهلڪار گهٽ ڪيا پيا وڃن، انهن جي مناسب سڪيورٽيءَ جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ جلوس وارن رستن تي ۽ امام بارگاهن جي آسپاس صفائي سٿرائي ڪرائي وڃي. گڏجاڻيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آصف رضا چانڊيو سميت چئني تعلقن جي اسسٽنت ڪمشنرن، ميونسپل آفيسرن، سيپڪو ايڪسين، ڊي ايڇ او ۽ شيعه اڳواڻن شرڪت ڪئي.










