ڊي آءِ خان: شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز ادا

ڊي آءِ خان: شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز ادا

ڊي آءِ خان: (ويب ڊيسڪ) دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ 5 پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي.شهيدن جي جنازي نماز اعجاز شهيد پوليس لائن ۾ ادا ڪئي وئي، شهيدن جي فاني جسمن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ فوجي، پوليس آفيسرن، سول سوسائٽي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن، جنازي نماز ۾ مائٽن سميت شرڪت ڪئي ۽ جنازي نماز کان پوءِ شهيدن جي فاني جسمن کي انهن جي آبائي علائقن ڏانهن روانو ڪيو ويو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن خيبر پختونخوا جي ضلعي ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ ايس ايڇ او سميت 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا. پنيالا پوليس اسٽيشن جي وانڊا بڊه علائقي ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جو تبادلو ٿيو.پوليس اهلڪار معمول جي گشت تي هئا ته دهشتگردن اوچتو حملو ڪيو. فائرنگ جي تبادلي ۾ ڊي ايس پي پهاڙپور سرڪل عدنان به سخت زخمي ٿي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو