ڊيپ ڊپريشن سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿيڻ جا امڪان

ڊيپ ڊپريشن سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿيڻ جا امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڊيپ ڊپريشن سامونڊي طوفان ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي. سردار سرفراز چيو ته سامونڊي طوفان جي صورت ۾ ان جو نالو اسني رکيو ويندو، سائيڪلون جو نالو پاڪستان جي تجويز آهي.هن چيو ته اسني جي معنيٰ اعليٰ آهي. چيف ميٽورالوجسٽ جو چوڻ آهي ته مون سون ۾ سائيڪلون جو بڻجڻ انتهائي غير معمولي ڳالهه آهي.ٻئي طرف موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.مون سون سسٽم جي شدت برقرار، ٿرپارڪر جي ويجهو انڊين رن آف سسٽم موجود آهي، سسٽم اولهه ۽ ڏکڻ اولهه طرف وڌي رهيو آهي، اتر اوڀر عربي سمنڊ ۾ اڄ رات يا سڀاڻي صبح داخل ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو