اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪيو ويو آهي.حڪومت جو ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ۽ پيٽرول جي قيمت برقرار رکي آهي. ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي ۽ نئين قيمت 251 رپيا 29 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.پيٽرول جي قيمت 247 رپيا 3 پئسا في ليٽر برقرار آهي.پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا آهن.










