ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) لاهور کان مختلف شهرن جي لاءِ گڊز ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ وڌايا ويا آهن.صدر گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن نبيل محمود طارق موجب لاهور کان ڪراچي جو ڀاڙو هڪ لک روپين کان وڌائي هڪ لک 9 هزار، لاهور کان راولپنڊي جو ڀاڙو 60 هزار مان وڌائي 65 هزار، لاهور کان پشاور جو ڀاڙو 80 هزار مان وڌائي 86 هزار 500 ۽ لاهور کان ڪوئٽه جو ڀاڙو هڪ لک 20 هزار مان وڌائي هڪ لک 30 هزار روپيه ڪيو ويو آهي.نبيل محمود طارق ٻڌايو ته ڀاڙن ۾ اضافو ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي ۽ هاءِ ويز تي نوان ٽول پلازه بنجڻ سبب ٿيو آهي. هن چيو ته اهي قدم ٽرانسپورٽرز جي وڌندڙ خرچن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ کنيا پيا وڃن.










