ڊيزل، پيٽرول 10 روپيا ۽ بجلي 5 روپيا سستي ٿيندي، وزيراعظم

ڊيزل، پيٽرول 10 روپيا ۽ بجلي 5 روپيا سستي ٿيندي، وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته ڊيزل ۽ پيٽرول 10 رپيا ۽ بجلي 5 رپيا في يونٽ سستي ڪئي ويندي، ايندڙ بجيٽ تائين ٻنهي شين جي قيمتن ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويندي. هن بيروزگار گريجوئيٽس کي 30 هزار انٽرن شپ ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. هن چيو ته احساس پروگرام هيٺ 80 لک خاندانن کي ماهوار 12 هزار بدران 14 هزار مهينو ملندو، آءِ ٽي جي فري لانسرز کي ٽيڪس جي ڇوٽ هوندي، اسٽارت اپس کي ڪيپيٽل گين ٽيڪس جي ڇوٽ هوندي، جيڪو صنعت لڳائيند ان کان سرمائي بابت پڇاڻو نه ٿيندو. اهڙو اعلان سومر ڏينهن قوم کي خصوصي خطاب ۾ وزيراعظم ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي تي خيالن جي ڏي وٺ دوران هن تازو ٻه دورا ڪيا آهن، هڪ چين جو ۽ ٻيو روس جو. هن چيو ته دنيا جون حالتون تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن ۽ ان جا اثر پاڪستان تي به پئجي رهيا آهن. ”جڏهن کان مون سياست شروع ڪئي آهي، تڏهن کان مون هميشه اهو چاهيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاد هجي، هڪ آزاد پرڏيهي پاليسي جو مطلب اهو آهي ته قوم پنهنجي عوام جي فائدي لاءِ پرڏيهي پاليسي ٺاهي ۽ اهڙي پاليسي نه ٺاهي جيڪا ٻين جي فائدي لاءِ ڪجهه ڪري. ۽ پنهنجي ملڪ کي نقصان پهچايو. هن چيو ته جڏهن اسان آمريڪا جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حصو ورتو هو ته مان شروع کان چوندو هوس ته ان جنگ سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي، 9/11 ۾ ڪو به پاڪستاني ملوث نه هو، هن چيو ته اسان کي ان ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي. عمران خان چيو ته اسان پهريون ڀيرو سوويت يونين خلاف آمريڪي جنگ ۾ حصو ورتو ۽ جڏهن 10 سالن کانپوءِ ٻيهر حصو ورتو ته اهو پهريون جهاد هو پر جڏهن آمريڪا افغانستان ۾ آيو ته ان کي دهشتگردي جي خلاف قرار ڏنو ڇاڪاڻ ته اها پرڏيهي پاليسي پاڪستانين جي فائدي لاءِ نه ٺاهي وئي هئي. هن چيو ته ان جنگ جي ڪري 80 هزار پاڪستاني شهيد ٿيا، 35 لک ماڻهو بي گهر ٿيا، قبائلي علائقا تباهه ٿيا، ملڪ کي 150 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو پر دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ شرمناڪ ڳالهه اها آهي ته پهريون ڀيرو جيڪو ملڪ آمريڪا جي حمايت ۾ جنگ ڪري رهيو هو ۽ اهو ملڪ ان ملڪ تي ئي بمباري ڪري رهيو هو. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ 400 کان وڌيڪ ڊرون حملا ڪيا ويا، جنرل مشرف جي دور ۾ رڳو 10 ڊرون حملا ٿيا پر جڏهن ٻه جمهوري اڳواڻ آصف زرداري ۽ نواز شريف آيا ته انهن جي 10 سالن ۾ 400 ڊرون حملا ڪيا ويا. پنهنجي روس جي دوري جي وضاحت ڪندي هن چيو ته اسان کي روس وڃڻو پيو ڇو ته اسان کي روس مان 2 ملين ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻي آهي ۽ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته روس دنيا جو اهو ملڪ آهي جنهن وٽ دنيا جي گيس جو 30 سيڪڙو آهي. گئس جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي اسان ساڻن گئس جا معاهدا ڪيا آهن ۽ اسان انهن مان گئس درآمد ڪنداسين. پرينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز (پيڪا) جي حوالي سان هن چيو ته افواهون آهن ته پريس جي آزادي تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ ماڻهن کي خاموش ڪيو پيو وڃي، پر مان سڀني کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پيڪا ايڪٽ 2016 ٺهيو ۽ اسان ان ۾ صرف ترميم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اڄ پاڪستان جي اخبارن ۽ ميڊيا تي نظر وجهون ٿا ته ان ۾ 70 سيڪڙو خبرون اسان جي خلاف آهن پر اسان کي ان جي ڪا پرواهه ناهي، پر اهو قانون اسان آندو ته جيئن پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا تي جيڪو گند متل آهي. ان کي روڪي سگهجي ٿو ڇو ته دنيا جي ڪنهن به مهذب سماج ۾ اهڙيون ڳالهيون اسان جي سوشل ميڊيا تي نه اينديون آهن. هن چيو ته عورتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ماڻهن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا پيا وڃن، ڪوڙي خبرن جي پکيڙ ڪئي پئي وڃي، هن وقت تائين ايف آءِ اي وٽ داخل 94 هزار ڪيسن مان صرف 38 ڪيسن جو فيصلو ٿيو آهي. هن چيو ته هڪ صحافي لکيو ته منهنجي گهرواري گهر ڇڏي وئي آهي، مون ڪيس ڪيو 3 سالن ۾ ڪو فيصلو نه ٿيو هن وري اها خبر ڏني آهي، وزيراعظم کي ٽن سالن ۾ انصاف نٿو ملي ته عام ماڻهو کي ڇا ملندو؟ ماڻهن جا گهر اجڙي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو