ڊيانا سان دوستي: هالي ووڊ اداڪارن جا هڪ ٻئي کي ٺونشا

ڊيانا سان دوستي: هالي ووڊ اداڪارن جا هڪ ٻئي کي ٺونشا

لنڊن (ڊيسڪ نيوز) ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ برطانوي شهزادي ڊيانا کي هيءَ دنيا ڇڏئي 20 لڳ ڀڳ 20 سال ٿي چڪا آهن پر هن جي زندگيءَ سان جڙيل ڳالهين جي اهميت ۽ چَسُ اڃان به ماٺو نه ٿيو آهي. برطانيا جي مشهور گلوڪار سر ايلٽن جان تازو پنهنجي ”آتم ڪهاڻي“ لکي پوري ڪئي آهي جيڪا اطلاعن مطابق شايع به ٿي چڪي آهي پر ڪتاب اڃان وڪري لاءِ پڌرو ناهي ڪيو ويو. ايلٽن جان ليڊي ڊيانا جو ويجهو دوست پڻ رهيو آهي ۽ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ ٻين ڳالهين کان علاوه هي قصو به لکيو آهي ته ”مڙس شهزادي چارلس کان عليحدگيءَ بعد ليڊي ڊيانا جي ويجهڙائي هاليووڊ جي اداڪار رچرڊ گيئر سان ٿي جنهن جي پڻ ماڊل سنڊ ڪرافورڊ کان عليحدگي ٿي هئي“. ايلٽن جان لکيو آهي ته مون انهن ڏهاڙن ۾ هڪ پارٽي رکي جنهن ۾ ليڊي ڊيانا ۽ رچرڊ گيئر کان علاوه سلويسٽر اسٽالون کي به شرڪت جي دعوت ڏني. بعد ۾ پتو پيو ته سلويسٽر اسٽالون به ليڊي ڊيانا جي ويجهو ٿيڻ جي خواهش ۾ مبتلا هو ۽ هن کي رچرڊ گيئر جي ڊيانا سان ويجهڙائپ هڪ اک نه وڻندي هئي.

 ايلٽن جان جو چوڻ آهي ته منهنجو خيال آهي ته سلويسٽر اسٽالون تقريب ۾ آيو ئي ان مقصد سان هيو ته هو ڊيانا کي دوستي جي پيشڪش ڪندو پر جڏهن هن رچرڊ گيئر کي ڊيانا سان گڏ ڏٺو ته هو دل جي ڳالهه دل ۾ رکي ويٺو. بعد ۾ ڪنهن بهاني سان ٻئي اداڪار تقريب واري هال کان ٻاهر گڏيا ته هنن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ هنن هڪٻئي کي ٺونشا پڻ هنيا. جنهن بعد سلويسٽر اسٽالون تقريب اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو جڏهن ته رچرڊ گيئر موجود رهيو ۽ ليڊي ڊيانا سن ڪچهري ڪندو رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو