ڊسمبر ۾ وصولي جو 97 سيڪڙو هدف حاصل ڪيو، ايف بي آر

ڊسمبر ۾ وصولي جو 97 سيڪڙو هدف حاصل ڪيو، ايف بي آر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جو چوڻ آهي ته هن ڊسمبر ۾ وصولي جو هدف 97 سيڪڙو حاصل ڪري ورتو آهي.ايف بي آر موجب ڊسمبر ۾ 1373 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 1328 ارب رپيا روينيو گڏ ڪيو ويو آهي.6 مهينن دوران ايف بي آر 5624 ارب رپيا روينيو گڏ ڪيو، جڏهن ته 6 مهينن دوران روينيو جو هدف 6009 ارب رپيا هو.ان لحاظ کان ايف بي آر 6 مهينن دوران روينيو گڏ ڪرڻ جي هدف جو 94 سيڪڙو حاصل ڪري ورتو.ڊسمبر ۾ انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 791 ارب رپيا، سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 414 ارب رپيا، فيڊرل ايڪسائيز ٽيڪس جي مد ۾ 69 ارب رپيا جمع ٿيا.ڊسمبر ۾ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ 122.7 بلين رپين جو روينيو گڏ ڪيو ويو، جڏهن ته ساڳئي عرصي دوران 69.8 بلين رپين جا ريفنڊ ادا ڪيا ويا، 6 مهينن دوران ٽيڪس وصولي ۾ 26 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.ايف بي آر موجب 6 مهينن ۾ 617 ارب رپيا ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ گڏ ڪيا ويا، 6 مهينن دوران 272.6 ارب رپين جا ريفنڊ ادا ڪيا ويا.ڊسمبر ۾ ايف بي آر کي 46 ارب رپين جي روينيو شارٽ فال کي منهن ڏيڻو پيو، 6 مهينن دوران ايف بي آر جو روينيو شارٽ فال 385 ارب رپين تائين پهچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو