حيدرآباد (پ ر) ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام رد ڪري چڪو آهي، ان باوجود ڏاڍ، جبر ۽ زور جي بنياد تي غيرآئيني ۽ غيرقانوني طور آدمشماري ڪئي پئي وڃي جنهن جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي، اين ايف سي ايوارڊ جو حصو آبادي بدران ٽيڪس جي اوڳاڙي تحت ڪرڻ جي قانونسازي ڪئي وڃي. سنڌ 70 سيڪڙو کان به وڌيڪ روينيو ڏئي پئي پر وفاق سمورا ترقياتي منصوبا پنجاب حوالي ڪندو رهي ٿو اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، ثقافتي سيڪريٽري ڊاڪٽر سنڌو مڱڻھار، پريس سيڪريٽري ڪاشف ملاح، مرڪزي اڳواڻ مھراڻ سنڌي ۽ مير پرويز دائودپوٽي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته شفاف آدمشماري لاءِ ضروري آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن مطابق سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي ۽ آدمشماري گڏيل قومن جي چارٽر مطابق هر ڏهن سالن کانپوء ڪرائي وڃي. موجوده غير آئيني ۽ غيرقانوني طور ٿيندڙ آدمشماري جو عمل روڪيو وڃي، ان سان گڏ غيرقانوني آدمشماري جي ذريعي ملڪ جي عوام جا پئسا ضايع ڪندڙ ۽ غيرقانوني طور بارڊر پار ڪري آيل پرڏيهين کي سنڌ جو شهري شمار ڪري، سنڌ ۽ ملڪ جو امن امان تباه ڪندڙ غير ملڪي سامراجي ايجنٽن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ملڪ جي سالميت جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. غيرقانوني طور سنڌ ۾ رهندڙ افغاني ۽ ٻيا غير ملڪي افغانستان جا جهنڊا کڻي اچي روڊ بند ڪري، ملڪ جي خودمختياري ۽ سوويرينٽي کي پيرن هيٺان لتاڙيندا رهن ٿا، اهڙن پيشا ور ڏوهارين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب نيڪالي ڏيڻ بدران آمريڪي سامراجي مفادن جي پوراء لاءِ ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين ۽ بلوچن مٿان مسلط ڪيو پيو وڃي.










