ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر لاهڻ کانپوءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان هيٺاهينءَ جي رجحان تي آهي، اڄ به انٽر بئنڪ تي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 19 پئسا سستو ٿيڻ بعد 285 رپيا 60 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 285 رپيا 79 پيسا هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات مثبت آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 254 پوائنٽس وڌي 57 هزار 625 جي سطح تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 57 هزار 371 پوائنٽس تي بند ٿيو.










