ڊالر  جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري

ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 1 رپيا 12 پئسا سستو ٿي 297 رپيا 70 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 298 رپيا 82 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف پاڪستان فارڪس ايڪسچينج ايسوسيئيشن جي چيئرمين ملڪ بوستان چيو آهي ته آرمي چيف اهو بار کنيو آهي جيڪو سول حڪومت کي کڻڻو هو، جيڪڏهن آپريشن جاري رهيو ته ڊالر جو ريٽ 250 تائين پهچي سگهي ٿو.ڪالهه ملڪ بوستان جو چوڻ هو ته بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ٿيندي، جڏهن ته ڊالر جي قيمت ۾ به مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو