ڪراچي(اسٽاف رپوٽر)ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ قدر ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي.اڄ صبح ڪاروبار شروع ٿيڻ سان ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 32 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 225 رپيا 75 پئسا ٿي ويو آهي.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ منفي ڪاروباري رجحان سامهون آيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 145 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 39692 تي اچي ويو آهي.










