ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر مهانگو ٿي ويو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اربع ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 5 پئسا مهانگو ٿيو. 5 پئسا واڌ کانپوءِ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپين 85 پئسن تي بند ٿيو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 12 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 280 رپين 33 پئسن جو آهي.










