ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا آهن ڀارتي ميڊيا رنبير ۽ عاليا جي شادي جي تصوير شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهن.رپورٽ موجب رنبير ۽ عاليا جي شادي جي هڪ خانگي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اداڪاره جوڙي جي تصوير به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.وائرل ٿيل تصوير ۾، عاليا ۽ رنبير کي مسڪرائيندي ڏٺو وڃي ٿو جڏهن ته انهن جي شادي جي لباس ۾ هارون پائڻ وري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل آهي شادي جي تقريب جي حوالي سان رنبير ڀارتي ميڊيا تي ردعمل ڏيندي چيو هو ته ميڊيا کي شادي جي تاريخ ٻڌائڻ لاءِ کيس چريو ڪتي ڪاٽيو هو، رنبير رڳو ايترو چيو هو ته عاليا ۽ مان جلد شادي ڪنداسين.










