چين کي هينڊي ڪرافٽس برآمد ڪرڻ بابت ويبنار

چين کي هينڊي ڪرافٽس برآمد ڪرڻ بابت ويبنار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان قونصل جنرل (تجارت ۽ سيڙپڪاري) شنگھائي جي تعاون سان چين ۾ هينڊي ڪرافٽس جي پيڪنگ ۽ ليبلنگ بابت ھڪ ويبينار منعقد ڪيو. ويبينار ۾ شنگھائي مان پاڪستان جي قونصل جنرل حسين حيدر شرڪت ڪندڙن کي چين ۾ پيڪنگ ۽ ليبلنگ جي ضرورتن بابت آگاهه ڪيو. هن چين ۾ واپار جي مجموعي نظام جو جائزو پيش ڪيو۽ مختلف ٽيڪنيڪل تفصيل شيئر ڪيا. چين ۾ هينڊي ڪرافٽس جي امڪاني برآمد ڪندڙن کي آگاهي ڏيڻ ضروري آهي. اهم پريزنٽيشن سينٽ فولين گروپ جي سينيئر پارٽنر محترمه ايڪولي پاران پيش ڪئي وئي جنهن چين ۾ هٿ جي هنر جي پيڪنگ ۽ برانڊنگ حڪمت عملين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن پيداوار جي بهترين قيمت حاصل ڪرڻ لاءِ پيڪنگ ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پاڪستان کي قومي برانڊز ٺاهڻ جي ضرورت آهي، جيڪا ان جي مختلف پراڊڪٽس جي سڃاڻپ بڻجي سگهي. هن چيو ته چيني خريدار پاڪستان جي هٿ جي هنر جي ٺاهيل شين جي پسمنظر جي تهذيبي تاريخ کي اهميت ڏيندا ۽ پاڪستان جي سپلائرن کي صلاح ڏني ته اهي چيني مارڪيٽ ۾ پنهنجي تاريخي پس منظر جي حوالي سان پنهنجون شيون پيش ڪن. آخر ۾ هڪ انٽرايڪٽو سيشن ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ۾ دستڪاري جي شين جي سپلائرز سڌو سنئون محترمه ايڪو لي سان مشغول ٿي ويا ته جيئن پاڻ کي چيني مارڪيٽ کي موثر طريقي سان استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو