اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اپريل ۾ چين مان پاڪستان جي درآمدات ۾ سالياني ۽ مهيني جي بنياد تي اضافو ٿيو،واپار واري وزارت جي ذريعن موجب اپريل دوران چين مان درآمدات ۾ سالياني بنيادن تي 116 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي،گذريل مهيني چين مان درآمدات جو حجم 1 ارب 443 ملين ڊالر هو جڏهن ته اپريل 2023ع ۾ چين مان درآمدات جو حجم 667 ملين ڊالر هو، ذريعن موجب مارچ 2024ع ۾ ايران مان درآمدات 1 ارب 305.7 ملين ڊالر هئي، هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ چين مان درآمدات ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. جولاءِ 2023ع کان اپريل 2024ع تائين چين مان درآمدات 11 ارب 633.38 ملين ڊالر هئي جڏهن ته گذريل سال جي ساڳئي عرصي ۾ چين مان درآمدات 9 ارب 84 ڪروڙ 94 لک ڊالر هئي.










