ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پاران ڪراچي ائرپورٽ ڌماڪي ۾ چيني انجنئيرز جي قتل جي سخت مذمت، قاتلن کي گرفتار ڪري قرار واقعي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حڪومت چيني شهرين جي مڪمل تحفظ جو انتظام ڪري. جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي اڄ هڪ بيان ۾ چيو ته تازو دهشتگردي جا واقعا پاڪ-چين دوستي کي خراب ڪرڻ جي سازش جو حصو آهن، جماعت اسلامي ان افسوس ناڪ واقعي ۾ انساني جانين جي زيان تي چيني حڪومت جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، ڪراچي ائرپورٽ ڌماڪو قابل مذمت ۽ سيڪورٽي ادارن لاءِ پڻ سواليه نشان اهي. قوم اهو پُڇڻ چاهي ٿي ته جهڙي طرح سان ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار پهچي وڃن ٿا ساڳي طرح سان ائرپورٽ جھڑي حساس علائقي ۾ بارود سان ڀريل گاڏي ڪيئن پهچي ٿي وڃي؟ صوبائي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته چيني انجنئيرز مٿان حملو ڪندڙ دشمن قوتن جا ايجنٽ آهن جيڪي هڪ پاسي پاڪ -چين لاڳاپن کي خراب ته ٻي طرف ڪراچي جي امن کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙا ماڻهو ڪنهن به رعايت جا مستحق ڪونه آهن. دهشتگردي جي ڪارواين ذريعي ملڪ دشمن قوتون گوادر ۾ جاري سي پيڪ منصوبن ۾ رڪاوٽون ۽ پاڪستان ۾ غير ملڪي سرمايه ڪاري کي مشڪل بڻائڻ چاهين ٿيون ان کان پهرين سوات ۾ به 11 ملڪن جي سفيرن جي قافلي کي دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهڙن واقعن ذريعي اهو تاثر عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هن ملڪ ۾ ڪنهن جي به جان ۽ مال محفوظ ڪونه آهي ته جيئن معاشي بحالي جي عمل کي روڪيو وڃي. صوبائي امير زور ڀريو ته سيڪورٽي ادارا ملڪي سياست ۾ مداخلت ۽ من پسند آئيني ترميم لاءِ زور زبردستي ڪرڻ بدران پنهنجي ڳجهي نظام کي بهتر بڻائي دهشتگردي وارن واقعن ۾ ملوث نيٽ ورڪ جو خاتمو ڪن










