چيمپيئنز ٽرافي جي فاتح ٽيم کي ڪيترا پئسا ملندا؟ آءِ سي سي جو اعلان

چيمپيئنز ٽرافي جي فاتح ٽيم کي ڪيترا پئسا ملندا؟ آءِ سي سي جو اعلان

دبئي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) چيمپيئنز ٽرافي جي انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.آءِ سي سي جي ڪل انعامي رقم ۾ گذريل ايڊيشن کان 53 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.اعلان موجب، آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۾ 6.9 ملين ڊالر جي انعامي رقم ورهائي ويندي، جنهن سان فاتح ٽيم کي 2.24 ملين ڊالر ملندا، جڏهن ته رنر اپ ٽيم کي 1.12 ملين ڊالر ملندا.آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ هارائيندڙ ٻن ٽيمن کي 560,000 ڊالر ملندا. هر گروپ اسٽيج ميچ کٽڻ تي 34,000 ڊالر جو انعام ڏنو ويندو.پنجين ۽ ڇهين نمبر تي ايندڙ ٽيمن کي 350,000 ڊالر ۽ ستين ۽ اٺين نمبر تي ايندڙ ٽيمن کي 140,000 ڊالر ملندا. سڀني ٽيمن کي حصو وٺڻ لاءِ 125,000 ڊالر پڻ ڏنا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو