ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه پاران ڪراچي پريس ڪلب جو دورو. صدر ڪراچي پريس ڪلب سعيد سربازي ۽ جنرل سيڪريٽري شعيب خان سميت گورننگ باڊي پاران شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه کي ڪراچي پريس ڪلب جي درپيش مسئلن، سالياني گرانٽ، نون ميمبرن لاءِ پلاٽ ۽ صحافين لاءِ هائوسنگ اسڪيم هاڪس بي جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سانب بريفنگ ڏني وئي.جنھن تي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه انهن مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ سميت خاص اجلاس سڏائڻ بابت يقين ڏياريو. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ گورننگ باڊي پاران چيف سيڪريٽري سنڌ کي ڪراچي پريس ڪلب جو سووينئر ۽ سنڌ جو تحفو اجرڪ پيش ڪيو ويو ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي مختلف شعبن جو دورو ڪيو.










