اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال قومي احتساب بيورو (نيب) قانون ۾ ترميم بابت اهم ريمارڪس ڏنا آهن.چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ميان جاويد لطيف کي گرفتاري کان اڳ اطلاع ڏيڻ جي حڪم خلاف نيب جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي.نيب پراسيڪيوٽر رضوان ستي چيو ته گرفتاري کان اڳ جوابدارن کي آگاهه ڪرڻ جو فيصلو خلاف قانون آهي، نيب ترميمي ترميم ماضي کان لاڳو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته جاويد لطيف ڪيس انڪوائري اسٽيج تي آهي. هن وقت گرفتاري نه ٿي سگهي آهي.نيب پراسيڪيوٽر چيو ته 3 جولاءِ 2023ع جي ترميم کانپوءِ انڪوائري دوران گرفتاري به ٿي سگهي ٿي.جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جولاءِ ۾ ڪيل نيب ترميمون شڪي آهن. 3 جولاءِ تي ڪيل نيب ترميمون عدالتي فيصلن سان ٽڪراءَ ۾ آهن. چيف جسٽس آف پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته پڇا ڳاڇا لاءِ سڏايل نوڪر کي جيل ۾ ڪيئن ٿو وجهي سگهجي؟ نيب ايڪٽ 2001 تائين سخت هو، ريمانڊ جي مدي کي گهٽائڻ ۽ ضمانت ڏيڻ لاءِ نيب ايڪٽ ۾ ترميمون سٺيون آهن. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته نيب قانون جي تشريح عدالتي فيصلن ۽ آئين جي تناظر ۾ ئي ٿي سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ جوابدارن کي گرفتاري کان اڳ آگاهه ڪرڻ جي حڪم خلاف نيب جي اپيل رد ڪندي رمارڪس ڏنا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم 3 جولاءِ جي ترميم کان اڳ جو هو.










