اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)انٽر-سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽـر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جمعي ڏينهن قيد پي ٽي آءِ باني عمران خان تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هو “آرمي مخالف” بيانبازي ڪري رهيو آهي، جيڪا هاڻي سياست جي حدن کان ٻاهر نڪري “قومي سلامتي لاءِ خطرو” بڻجي چڪي آهي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس جي شروعات ۾، هن هڪ “هوريان هوريان وڌندڙ قومي سلامتي جي خطري” جو ذڪر ڪيو، جنهن کي فوج لاءِ خطاب ڪرڻ ضروري ٿي پيو هو. فوجي ترجمان چيو ته: “هي خطرو هڪ اهڙي شخص جي وهمي ذهنيت مان نڪري رهيو آهي، جيڪو پنهنجي انا جو قيدي بڻجي چڪو آهي ۽ اهو سمجهي ٿو ته سندس خواهشون پاڪستان جي رياست کان به وڏيون آهن.” هن واضح طور ٻڌايو ته ان شخص جي انا، خواهشن ۽ مايوسيون ان حد تائين وڌي ويون آهن جو هو سمجهي ٿو ته سندس بنا دنيا هلڻ ئي بند ٿي ويندي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته “شايد مون کان هن ڳالهه جو نڪرڻ ٿورو عجيب لڳي، پر هو جيڪو بيان ڏئي رهيو آهي، اهو هاڻي سياست نه رهيو آهي، اهو قومي سلامتي جو سوال بڻجي چڪو آهي.” ليفٽيننٽ جنرل چوڌري موجب، اهو “تمام ضروري” هو ته فوج جي ميڊيا ونگ وضاحت ڪري، شڪ ۽ ابهام دور ڪري ۽ جيڪي ڳالهيون ڪرڻ ضروري آهن، اهي صاف لفظن ۾ ڪري. هن چيو ته ’اسان کي سمجهڻ گهرجي ته هي بيان ڪهڙي طرح ڪم ڪري رهيو آهي، ۽ بدقسمتيءَ سان اهو بيان ڪيئن ٻاهرين قوتن سان ملي ڀڳت ۾ وڌي رهيو آهي.” هن چيو ته پاڪستان جي فوج ڪنهن ٻولي، علائقي، مذهب يا سياسي سوچ جي نمائنده نه آهي، بلڪه ملڪ جي هر ڪنڊ، هر مذهب، هر ٻولي ۽ هر خيال کان ماڻهو فوج ۾ شامل آهن، ۽ وردي پائڻ سان اهي پنهنجو سڀ ڪجهه پٺ تي رکي فقط رياست لاءِ جيئندا ۽ مرندا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته: “جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي انا، وهمي سوچ ۽ خودپرستيءَ جي ڪري فوج ۽ ان جي قيادت تي حملو ڪندو، ته پوءِ اسان به کليل هٿن سان يعني سڌو وڙهنداسين(bare-knuckle) ، هن ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي.” هن سياسي پارٽين کي مخاطب ڪندي چيو ته: “سياست ضرور ڪريو، اسان سڀني سياسي پارٽين ۽ شخصيتن جو احترام ڪريون ٿا، پر فوج کي پنهنجي سياست کان پري رکو.”
واضح پيغام، فوج ۽ عوام جي وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين
ليفٽيننٽ جنرل چوڌري چيو ته ڪنهن به شخص کي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي ته هو فوج ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلو پيدا ڪري. “هي ملڪ هڪ ئي فوج رکي ٿو، ٻئي ڪا فوج ناهي. جيڪڏهن تعميري تنقيد آهي ته اها قبول آهي، پر ماڻهن کي فوج خلاف اُڪسايو وڃي؟ اها ڳالهه ناممڪن آهي.” هن چيو ته اها فوج هندوتوا سوچ ۽ دهشتگردن جي خلاف ڀت بڻيل آهي، ۽ جيڪو پنهنجي فوج خلاف ڳالهائيندو آهي، اهو ڪنهن ٻئي فوج لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو.
عمران خان جو بيان ڪهڙيءَ طرح رياست کي نقصان پهچائي ٿو؟
ڊي جي آءِ ايس پي آر عمران خان تي الزام هنيو ته: پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران ملڪ موڪلجندڙ رقم (remittances) روڪڻ لاءِ بيان ڏنو ته ملڪ ڀلي ڊيفالٽ ڪري، آءِ ايم ايف کي خط لکي چيو ته پاڪستان سان معاهدو نه ڪيو وڃي، سول نافرمانيءَ تي اڪسايو، بجلي جا بل نه ڀريائين، پنهنجي حامين کي چيو ته “فوجي قيادت کي نشانو بڻايو”، فوج مخالف بيان نشر ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ موجود اڪائونٽ استعمال ڪيا پيا وڃن، هندستاني ميڊيا ۽ “را” سان ڳنڍيل اڪائونٽ هن جي بيانبازي کي خوشيءَ سان وائرل ڪري رهيا آهن. فوجي ترجمانعمران کي “ذهني مريض” قرار ڏيندي چيو ته سندس ٽوئيٽس کي ٻاهرين ملڪ کان هلندڙ ٽرول اڪائونٽ وائرل ڪن ٿا ۽ هندستاني ميڊيا انهن کي ڪلاڪن تائين نشر ڪري ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا هر وقت عوام کي بيوقوف نٿا بڻائي سگهن، افغانستان، دهشتگردي ۽ ٽي ٽي پي بابت پي ٽي آءِ جو موقف ٺيڪ ناهي، ڇا پاڪستان جي سلامتي ڀارت ۽ افغانستان وارا سنڀاليندا؟
دهشتگردي ۽ پرڏيهي پڌراين بابت سخت موقف
ليفٽيننٽ جنرل چوڌري پي ٽي آءِ جي دهشتگردي، افغانستان ۽ ٽي ٽي پي بابت پاليسيءَ کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته امن لاءِ دهشتگردن سان ڳالهين جي حمايت ڪرڻ، رياست جي سلامتي کي سياسي فائدي لاءِ “سب ليٽ” ڪرڻ جي برابر آهي، جيڪا ڪنهن به صورت قبول ناهي.
ڪي پي ڪي گورنر رول ۽ فوج تي الزام
فوجي ترجمان ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ بابت سوال تي چيو ته اهو وفاقي حڪومت، پارليامينٽ ۽ بين اسٽيڪ هولڊرن جو مسئلو آهي، فوج جو ان سان تعلق ناهي. هن ڪي پي جي وڏي وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪي پي ۾ بدانتظامي بابت ڪو پي ٽي ا3 وارو نٿو ڳالهائي ۽ بدانتظامي تان ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ لاءِ فوج تي الزام هنيو وڃي ٿو. “جيڪڏهن ڪو ڀونڪندڙ ڪتو ڀونڪي ٿو ته ان تي ڌيان نه ڏنو وڃي.” پي ٽي آءِ تي پابندي واري سوال تي هن چيو ته رياست فوج سميت سڀني کان مٿي آهي، هو سياڻا آهن، اهو سندن فيصلو هوندو، هنن کي ڇا ڪرڻو آهي ۽ هو ڇو ڪندا، اهو انهن کان پڇو،
چيف آف ڊ فينس فورسز هيڊڪوارٽر
ڊي جي آءِ ايس پي آر عوام کي مبارڪ ڏني ته چيف آف ڊي فنس فورسز (CDF) هيڊڪوارٽر پنهنجي ڪم جي شروعات ڪري چڪو آهي، جيڪو جديد، گهڻ شعبي واري جنگ جي ضرورت هئي، دنيا جي 70 کان وڌيڪ ملڪن ۾ اهڙا گڏيل هيڊڪوارٽر موجود آهن. هن ان قدم کي قومي سلامتي لاءِ “تاريخي ۽ اهم” قرار ڏنو.










