اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي ضمني چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.وزيراعظم اين اي 129 ۾ حافظ محمد نعمان ۽ اين اي 143 چيچا وطني ۾ محمد طفيل جٽ کي انهن جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ضمني چونڊن ۾ فتح نواز شريف جي وژن ۽ سندس بي مثال قيادت جي ڪري حاصل ٿي آهي.وزيراعظم چيو ته ضمني چونڊن ۾ فتح مريم نواز جي محنت تي عوام جي اعتماد جو مظهر آهي، ۽ هي فتح حڪومت جي ڪارڪردگي تي عوام جي اعتماد جو مظهر آهي.هن چيو ته ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي ۾ پارٽي ڪارڪنن جي محنت به شامل آهي.










