چونڊن ۾ مداخلت ڪيس، ٽرمپ جي 18 ساٿين تي فرد جرم لاڳو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)2020ع جي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ مداخلت جي ڪيس ۾ ايريزونا جي عدالت اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 18 ساٿين تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.آمريڪي عدالت موجب وائيٽ هائوس جي اڳوڻي چيف آف اسٽاف مارڪ ميڊوز تي به فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.نيو يارڪ جو اڳوڻو ميئر روڊي گيولياني پڻ انهن جوابدارن ۾ شامل آهي جن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.آمريڪي عدالت جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن تي صدارتي اختيارن جي منتقلي کي روڪڻ جو الزام آهي.ايريزونا جي عدالت 11 ريپبلڪن تي به فرد جرم لاڳو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو