اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخ بابت ٻنهي صوبن جي گورنرن کي خط موڪلي ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن طرفان گورنر پنجاب محمد بليغ الرحمان کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته گورنر پنجاب 9 کان 13 اپريل تائين پولنگ جي تاريخ مقرر ڪري. ان کان علاوه خيبرپختونخواهه جي گورنر کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ پولنگ جي تاريخ 15 کان 17 اپريل تائين مقرر ڪئي وڃي.سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد ان حوالي سان ٻڌايو ته گورنر اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ 90 ڏينهن اندر چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو پابند آهي، پولنگ جي تاريخ مقرر نه ٿي ڪري سگهجي.عمر حميد وڌيڪ چيو ته ڪي پي اسيمبليءَ جا 90 ڏينهن 18 جنوري کان شروع ٿيندا، 17 اپريل کانپوءِ ڪي پي اسيمبلي جي پولنگ جي تاريخ مقرر نه ٿي سگهي.سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد جو به چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊ پروگرام مڪمل ڪرڻ لاءِ 54 ڏينهن گهرجن.










