اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وزيردفاع خواجھ آصف ماضي جي عدالتي نظام تي سخت تنقيد ڪندي چيو تھ ان پراڻي عدالتي نظام سياسي جمھوري نظام کي تمام وڏا نقصان پھچايا آھن ،غير آئيني ڪمن ۾ انھن جو ڪردار ڪو ساراھ جوڳو ناھي رھيو ھن چيو تھ ،ذوالفقارعلي ڀٽو بھ ملڪ جو وزيراعظم ھو ان سان عدالت ڪھڙو ورتاءُ ڪيو ،نوازشريف ملڪ جو وزيراعظم ھو ان سان عدالت ڇا ڪيو ،اسان آئيني ترميمي آڻي آئيني عدالت جو ڙي ماضي جي اھڙي داغدار تاريخ کان ماضي ۾ دفن ڪري اڳتي پيا وڌون،ھن چيو تھ ذولفقارعلي ڀٽو کي ڏنل ڦاسي کان نوازشريف کي نااھل قرار ڏيڻ تائين ماضي جي عدالت کي سُڃاڻون ٿا،اھا بھ خبر آھي تھ پي ٽي آءِ حڪومت ھڪ رات ۾ 52ترميون ڪيو قانون ڪيئين ڪيون ھنيو،ھن چيو تھ نوازشريف کي سازش تحت ھٽايو ويو ،ھن چيو تھ ٻن ججز کي پارليامينٽ جي پاس ڪيل آئيني عدالتي بابت غير جاڳي پئي،جڏھن نوازشريف جي ٻڌڻي ٿيندي ھي تھ اھي ججز پنھنجي گھر وارن کي سڏائيندا تھ اڄ اسان نواز شريف ڏسندا، اھا ساڳئي عدالت جي ماضي آھي ٻن ججز مان ھڪڙو تھ مشرف جا ساٿاري رھيو آھي تڏھن انھن کي غيرت نھ آئي،ھاڻ ججز جي اجاداري نھ ھلندي، ايوان جي طاقت کي انھن ڇيھورسايو، ھاڻ جيڪي ججز ھاڻ شاعر ڪن سياسي بيان ڏين ٿا تڏھن انھن جي غيرت ڪٿي ھئي، مخالف ۽ ججز پنھنجو ماضي وساري ويٺا آھن،اسان ايوان جي خلاف ڪنھن جي حد دخلي ھاڻ برداست نھ ڪنداسين،سترسالا ۾ جيڪي پي ٽي آءِ وارن ڌاڙالڳايا آھن انھن جو مثال نھ ٿو ملي،ھن چيو تھ اسان کي ڪنگرو ڪورٽن جو ماضي بھ ياد آھي تھ ججز جو ماضي بھ ياد آھي،آئيني عدالت ٺاھڻ پارليامينٽ جو حق آھي ھاڻ سپريم پارليامينٽ تي ڪنھن بھ قسم جو داغ لڳڻ نھ ڏينداسين،ماضي ۾ آمريتن جا پٺو ججز ۽ اھا عدالت ڇا ڇا نھ تاريخ رکي،ڪيئين فيصلا ڏيندا ھئا جٽس ثاقب نثار کان وٺي اھڙن ججز جي تمام وڏي تاريخ آھي.انھي اطھرمن اللھ کي سُڃاڻو ٿو جيڪو نھ ٿو سُڃاڻي انھن کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو ان جي ماءٌ جنرل ضياءُ جي مجلس شوريٰ جي ميمبر رھي آھي.










