ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي (ن سنڌيار) گھوٽڪي ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو لٺيون مڪون لڳڻ سبب هڪ ڌر جا ٻھ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. جهيڙي ۾ زخمي ٿيل شاهد ڀٽو. ۽ سندس ننڍو ڀاء اقبال ڀٽو کي زخمي حالت ۾ گهوٽڪي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو. جهيڙي بعد ٻنهي ڌرين پاران گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي هڪ ٻئي مٿان اين سي داخل ڪرائي ڇڏي. هوڏانهن زخمي اقبال ڀٽو جو چوڻ هو تہ جوابدار جبار ڀٽو۔ عرفان ڀٽو۔ احسان ڀٽو ۽ ٻين دڪان تي چڙهائي ڪري لٺين سان حملو ڪيو. جنهن سبب ٻھ ڄڻا سخت زخمي ٿيا آهن. هنن چيو تہ پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاء پٺ ڀرائي ڪري پئي. هنن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪندي چيو تہ مسئلي جي شفاف انڪوائري ڪرائي مک جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو