ڀٽائي خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ بابت سردار شاهه خلاف احتجاج

ڀٽائي خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ بابت سردار شاهه خلاف احتجاج

ٺڪراٺو (رپورٽر)لطيفي جماعت جي مريدن ۽ عقيدتمندن جو بزرگ شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح بابت اڻوڻندڙ لفظ ڳالھائيندڙ تعليم جي صوبائي وزير سردار شاھ خلاف احتجاجي مظاھرو ڌرڻو ڇتي نعريبازي بي ادب سردار شاھ سنڌ جي سرموڙ صوفي شاعر ۽ بزرگ ھستي شاھ لطيف جي باري ۾ غيراخلاقي تقرير ڪري دل آزاري آھي کيس فوري طور تي گرفتار ڪري وزارتون واپس ورتيون وڃن لالڏنو حاجي زوار شاھ محمد ڀٽي ۽ ٻيا خبر موجب ٺڪراٺو ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح جي باري ۾ اڻوڻندڙ لفظ استعمال ڪندڙ تعليم جي صوبائي وزير سردار شاھ خلاف مريدن ۽ عقيدتمندن شھر جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو احتجاج ڪندڙن سردار شاھ خلاف نعريبازي به ڪئي ان موقعي شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح جي مريدن ۽ عقيدتمندن زوار شاھ محمد ڀٽي عبدالجبار مھتم زوار منير احمد مھتم لالڏنو مھتم سعيد احمد سوڍو ارشاد مھتم ۽ ٻين چيو ته تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاھ سنڌ جي سرموڙ شاعر ۽ صوفي بزرگ شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح جي باري ۾ اڻوڻندڙ لفظ استعمال ڪري سندس شان ۾ گستاخي ڪئي آھي جنھن سان سنڌي قوم سميت لطيفي جماعت جي مريدن ۽ عقيدتمندن جي دل آزاري ٿي آھي احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو آھي ته سردار شاھ کان وزارتون واپس وٺي کيس گرفتار ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو