ڀارت کي اهڙو سبق سيکاريو هو سموري عمر ياد رکندو: وزيراعظم

ڀارت کي اهڙو سبق سيکاريو هو سموري عمر ياد رکندو: وزيراعظم

مظفرآباد: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت جي خلاف جنگ ۾ سموري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل رهي.وزيراعظم شهباز شريف مظفر آباد ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت سان جنگ جي دوران ڪشميرين سميت سموري ملڪ پاڪ فوج جي ڪاميابي لاءِ دعائون ڪيون، جنگ دوران پاڪ فوج دشمن کي اهڙو سبق سيکاريو جنهن کي هو هميشه ياد رکندو.وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير کي دنيا جي نقشي تي هڪ عظيم مقام ڏيارينداسين اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن والاريل ڪشمير آزاد ٿيندو. هن چيو ته محنت ۽ روز جي جدوجهد ذريعي پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ ينائڻو آهي، صلاحيت ۽ محنت ڪنهن جسماني ڪمزوري جي محتاج نه هوندي آهي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ماضي ۾ ڪجهه عناصر ليپ ٽاپ اسڪيم کي تنقيد جو نشانو بنايو، طعنه ڏنا ويا اهي ليپ ٽاپ نه پر رشوت آهي. حالانڪه نوازشريف جي دور ۾ لکين ليپ ٽاپ ورهايا ويا، هڪ به سفارش تي نه ڏنو ويو.وزيراعظم چيو ته برصغير جي ورهاست وقت وڏين قربانين جي بدولت اڄ اسان آزاد آهيون. هن چيو ته ليپ ٽاپ ڪا عام مشين نه آهي پر هڪ وزن آهي جيڪو نوجوانن کي ترقي جو رستو ڏيکاريندو آهي.وزيراعظم چيو ته آزاد جمون، ڪشمير ۾ 4 دانش اسڪولن جي منظوري ڏني وئي آهي، حڪومت نوجوانن کي تعليم، تربيت تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته نوجوانن کي جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ترقي عظمت ۽ خوشحالي جي لاءِ خطي جي ماڻهن عظيم قربانيون ڏنيون. جڏهن ته ليپ ٽاپ اسڪيم صرف هڪ پروگرام نه پر پاڪستان جي روشن مستقبل جو وزن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو