ڀارت نيٽ فليڪس تي پاڪستاني ڊرامن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو

ڀارت نيٽ فليڪس تي پاڪستاني ڊرامن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) ڀارت پاڪستاني ڊرامن تي غير اعلانيه پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ انهن کي نيٽ فلڪس تي بلاڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.پاڪستاني اداڪار ۽ ڳائڻي فرحان سعيد جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستاني مواد جي وڌندڙ مقبوليت کان ڊڄي ٿو، جنهن ڪري اتي پاڪستاني ڊرامن تي پابندي لڳائي پئي وڃي.فرحان سعيد جي مطابق، پاڪستان کي عالمي پليٽ فارمن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته نئين نسل وڏي شوق سان ڊراما ڏسندي آهي ۽ سرحد پار به پاڪستاني سيريل وڏي انگ ۾ ڳوليا ويندا آهن.اهو ياد رکڻ گهرجي ته هندستاني ناظرین پاڪستاني ڊرامن کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا ۽ انڊسٽري سان لاڳاپيل ڪيترن ئي مشهور اداڪارن ۽ شخصيتن پڻ ڪيترائي ڀيرا پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي تعريف ڪئي آهي. ڪجهه هندستاني فنڪارن پنهنجي پروڊڪشن هائوسز کي پاڪستاني طرز جي ڪهاڻين تي ڪم ڪرڻ جو مشورو به ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو