ڀارت غلط فهمي ۾ نه رهي، ايندڙ جواب وڌيڪ تيز ۽ سخت هوندو

ڀارت غلط فهمي ۾ نه رهي، ايندڙ جواب وڌيڪ تيز ۽ سخت هوندو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ڊفينس فورسز جي چيف (CDF) طور پنهنجي پهرين خطاب ۾، چيف آف آرمي اسٽاف (COAS) فيلڊ مارشل عاصم منير سومر ڏينهن نئين ٺهرايل CDF هيڊڪوارٽرز کي “تاريخي” قرار ڏنو، ۽ چيو ته اهو قدم آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس جي وڌيڪ بهتر گڏيل هم آهنگي ۾ مدد ڏيندو، ته جيئن مستقبل جي خطرن جي حرڪتن سان هم قدم ٿي سگهجي.
آءِ ايس پي آر موجب جي ايڇ ڪيو ۾ تقريب کي خطاب ڪندي، نئين مقرر ڪيل CDF ٽنهي فوجي سروسز ۾ باضابطه انضمام ۽ هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته فوج کي جنگ جي نون طريقن ۽ رخن سان همه وقت رهڻو پوندو.
CDF جنگ جي نون اڀرندڙ جنگي شعبن جهڙوڪ سائبر اسپيس، اليڪٽرو ميگنيٽڪ يعني برقياتي مقناطيسي شعاعن وارو ميدان، خلا، معلوماتي آپريشنز، مصنوعي ذهانت ۽ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ وغيره کي اجاگر ڪيو، ۽ زور ڏنو ته انهن شعبن ۾ ٿيندڙ تبديلين سان پاڪستان کي رفتار گڏ رکڻي پوندي.
فيلڊ مارشل منير وڌيڪ چيو ته هندستان سان مئي ۾ ٿيل مختصر جنگ دوران ڪيل ملٽي ڊومين آپريشنز هاڻي مستقبل جي جنگن لاءِ هڪ درسي مثال بڻجي چڪو آهي.
ڊفينس فورسز جي چيف جي خطاب بابت ISPR جي بيان ۾ چيو ويو: “CDF ٽنهي سروسز جي آفيسرن کي خطاب ڪندي پاڪستاني قوم جي غير معمولي همت ۽ ثابت قدمي، ۽ پاڪ فوج جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن جي پيشيورانه صلاحيتن کي ساراهيو، جيڪي معرڪهءِ حق دوران سامهون آيا”، ۽ هن شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.
سرڪاري نشرياتي اداري PTV نيوز موجب، CDF چيو ته مسلح فوجن جون ٽئي سروسز پنهنجي “اندروني خودمختياري ۽ تنظيم جي بناوت” کي برقرار رکنديون.
هن زور ڏنو ته بدلجندڙ سلامتي وارين حالتن کي نظر ۾ رکندي، گڏيل مسلح خدمتن تحت ملٽي ڊومين آپريشنز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ضروري آهي.
فيلڊ مارشل منير چيو: “ڊفينس فورسز هيڊڪوارٽرز جو قيام هن تبديلي ڏانهن هڪ اهم قدم آهي. هر سروس پنهنجي انفرادي صلاحيت ۽ جنگي تياري برقرار رکندِي، جڏهن ته دفاعي فورسز هيڊڪوارٽرز انهن سڀني سروسز جي آپريشنز کي گڏ ڪري ۽ مربوط ڪري ڪم ڪندو.”
CDF پوءِ ڀارت ۽ افغانستان ڏانهن به اشارو ڪيو ۽ چيو ته ڀارت ڪنهن به غلط فهمي جو شڪار نه ٿئي، ڇو⁠ته پاڪستان جو جواب “گهڻو وڌيڪ تيز ۽ سخت” هوندو.
ڪابل بابت ڳالهائيندي فيلڊ مارشل منير چيو: “طالبان حڪومت کي واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته انهن وٽ هاڻي ڪو ٻيو رستو ناهي سواءِ ان جي ته خوارج شرپسندن ۽ پاڪستان مان ڪنهن هڪ کي چونڊي.”
CDF پاڪستان جي پرامن ملڪ هجڻ واري موقف کي ورجايو پر ساڳئي وقت خبردار به ڪيو ته پاڪستان جي سرحدي سالميت ۽ خودمختياري کي ڪنهن به صورت ۾ آزمائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
فيلڊ مارشل منير چيو: “هرڪو ڄاڻي وٺي ته پاڪستان جو تصور ناقابلِ شڪست آهي، ۽ ان جي حفاظت ايماندار، بهادر سپاهين ۽ متحد قوم جي مضبوط عزم سان يقيني بڻايل آهي.”
ISPR موجب، پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي CDF فوج کي “ثقافتي طور جديد، جنگ لاءِ تيار، ۽ اهڙي فوجي مشين” طور ڏٺو وڃي جيڪا جارحيت کي روڪي سگهي ۽ جنهن تي پوري قوم کي مڪمل اعتماد هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو