ڀارت جو رويو علائقائي تعاون ۾ وڏي رڪاوٽ آهي: صدر

ڀارت جو رويو علائقائي تعاون ۾ وڏي رڪاوٽ آهي: صدر

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀارت جو رويو موثر علائقائي تعاون ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي، ۽ خطو باهمي احترام ۽ تعاون سان وڌيڪ پرامن ۽ خوشحال ٿي سگهي ٿو.سارڪ چارٽر ڊي جي 40 هين سالگرهه تي پنهنجي پيغام ۾، صدر آصف زرداري ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي عوام ۽ حڪومتن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اسلام آباد چوٿين ۽ 12 هين سارڪ سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪئي، جڏهن ته 2016 ۾ 19 هين سربراهي اجلاس ڀارت جي عدم شرڪت جي ڪري ملتوي ڪيو ويو.هن چيو ته سارڪ عمل گذريل 11 سالن کان جمود جو شڪار آهي، ڀارت جو رويو موثر علائقائي تعاون ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي، خطي جي ترقي ۽ امن غير ضروري طور تي رڪجي ويو آهي، ۽ سارڪ جي متبادل طور تي هڪ نئين علائقائي فريم ورڪ تي غور وڌي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو