ڀارتي ميڊيا ڪشمير جي اصل صورتحال نه پئي ڏيکاري؛ زائره

سري نگر (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ کان الڳ ٿيندڙ ڪشميري اداڪاره زائره وسيم مقبوضه ڪشمير جي موجوده صورتحال جي حوالي سان مودي حڪومت کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم واري ظالم کي لڪايو پيو وڃي. زائره وسيم انسٽاگرام تي هڪ گُل جي تصوير شيئر ڪئي جنهن جي هيٺان هن لکيو ته اميد ۽ مايوسي وچ ۾ ڪشمير هن مهل تائين مشڪلاتن جو شڪار آهي ان وڌندڙ مايوسي ۽ غم سبب اڄ اسان وٽ سڪون نالي ڪا به شيءِ ناهي ڪشمير ۾ اسان انهن ماڻهن جي اثر هيٺان آهيون جيڪي اسان جي خواهشن کي قتل ڪري رهيا آهن ۽ آساني سان اسان تي پابنديون لڳائي قيد ڪري ڇڏيو آهي. اداڪاره وڌيڪ چيو ته اسان کي اهڙي دنيا ۾ رهڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي جتي اسان جي زندگي ۽ خواهشن کي قيد ڪيو وڃي اسان کي تڪليفون ڏئي ڪري حڪمراني ڪئي پئي وڃي ڇا اسان جي آواز کي بي آواز ڪرڻ ايترو آسان آهي. زائره وسيم شڪايت ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ ڇو نه ٿي ڏني وڃي ۽ اسان کي پنهنجي خواهشن خلاف فيصلن کي تسليم ڪرائڻ تي مجبور ڇو پيو ڪيو وڃي. زائره وسيم وڌيڪ چيو ته ڪشمير جي حوالي سان ڀارتي ميڊيا جيڪو ڪجهه ڏيکاري رهي آهي ان جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي ۽ جيڪڏهن ڪير آواز اٿاري ٿو ته ان کي بند ڪرايو وڃي ٿو. هاڻي وقت آهي ته ڪو به واقعو لڪيل نه رهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي ان ظلم خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو